سيد صالح شاهه سوائيءَ جو مقبرو

سيد صالح شاهه سوائيءَ جو مقبرو

سيد صالح شاهه سوائيءَ جو مقبرو

سيد صالح شاهه سوائيءَ جو مقبرو: سيد صالح شاهه سوائيءَ جو مقبرو پريالوءِ، ضلعي خيرپورميرس ۾ واقع آهي. هن مقبري ۾ مدفن بزرگ سيد صالح محمد شاهه پريالوءِ جي گاديءَ جو بنياد وڌو، جنهن جو نقوي ساداتن جي خاندان سان واسطو هو. سيد صالح شاهه سوائيءَ جو مقبرو پريالوءِ شهر جي مک لنگھه ويجهو آهي. هن بزرگ جو والد سيد بهاؤالدين روهڙيءَ جو رهواسي هو، جنهن اُچ شريف تائين سفر ڪيا، اهو به اهل الله بزرگ هو. سيد صالح محمد شاهه ڪلهوڙن جي زماني جو بزرگ هو ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙو وٽس ايندو رهندو هو. هن سنڌيءَ ۾ شاعري به ڪئي هئي. هن بزرگ جو مقبرو آڳاٽو تعمير ڪيل ڏسجي ٿو، جنهن جي ويجھڙائيءَ ۾ مرمت ڪئي وئي آهي. مقبرو هڪ حجري تي مشتمل آهي. اڏاوت ڪچي آهي ۽ ان جي پيڙهه پڪين سرن جي آهي، جنهن تي گاري ۽ چوني جو ليپو ٿيل آهي. مهاڙيءَ ۾ ڪاٺ جو در اٿس، جنهن تي سائو رنگ ڪيو ويو آهي. مقبري جي مهڙ ۾ هڪ طاقچو آهي، جنهن ۾ در ۽ ٿنڀ گنبذي ڊزائين جا هنيا ويا آهن. اڳياڙيءَ جي طاقچي تي ٻيڙٻنو مٿي ڪري ان تي ڪنگريون نصب ڪيون ويون آهن. مقبري کي ٻيڙٻنو ڏنل آهي، ٻنهي طرفن کان هوا جي گذر لاءِ ونگدار دريون ڇڏيل آهن. محمد صالح شاهه جي مزار مقبري ۾ آهي، جنهن کي ڪاٺ جو اولو آهي. مقبري ۾ موجود مزار سنگ مرمر جي تعمير ڪيل ٿلهي تي آهي. مقبري جي سامهون مجاورن جون بٺيون آهن، جڏهن ته ڀر ۾ قبرستان واقع آهي، جنهن قبرستان ۾ ٻه عدد پڪيون مزارون به آهن، جن کي ڇت وارا حجرا ڏنل آهن، جيڪي پڪين سرن، گاري ۽ گچ جا تعمير ڪيل آهن. مقبري جي حالت زبون آهي، جنهن کي تازي مرمت دوران مهاڙيءَ ۾ سيمينٽ جو ليپو ڏنو ويو آهي.


لفظ سيد صالح شاهه سوائيءَ جو مقبروھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو